عالمي مذهبن جو تقابلي جائزو

عالمي مذهبن جو تقابلي جائزو

عالمي مذهبن جو تقابلي جائزو ڪتاب

عالمي مذهبن جو تقابلي جائزو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب پروفيسر مولانا محمد يوسف خان جو لکيل آهي، جنهن ۾ عالمي دينن ۽ مذهبن جو اسلام سان تاريخي ۽ تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ابو عبدالله محمد طاهر عبدالقيوم سنڌيءَ ڪيو آهي. محمد ادريس سومري، ثناءُ الله ڀٽي، مفتي غلام الله نوناري ۽ مولانا محمد رمضان ڦلپوٽي جي تقريظن کانسواءِ ڪتاب ڏهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ باب پهريون: هندومت، باب ٻيو: ٻڌ مذهب، باب ٽيون: سک مت، باب چوٿون: جين مت، باب پنجون: ڪنفيوشس ۽ زردشت ازم، باب ڇهون: مانوي مذهب، باب ستون: تاؤمت، ڪيلٽي ازم ۽ ٽيوٽائي مذهب، باب اٺون: يهوديت، باب نائون: عيسائيت ۽ باب ڏهون: اسلام جي تفصيلي بحث تي مشتمل آهي. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز ۾ 223 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب روشني پبليڪيشن 2014ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو